ڄام مهڙ نوتيار

ڄام مهڙ نوتيار: ڄام مهڙ نوتيار سمن مان نوتيارن جي نک جو سورهيه سردار ٿي گذريو آهي. جڏهن هن جي جوءِ ۾ علاؤالدين جي ڪاهه وقت پناهه وٺڻ لاءِ سومريون آيون ته انهن کي مان ڏنائين ۽ سندن آجيان ڪيائين. پنهنجو خاص لشڪر وٺي ترڪن جي بادشاهي لشڪر کي سامهون ٿيو. نوتيارن جو راڄ ۽ سرداري ڪلهوڙي ڪوٽ ۾ هئي. جتي نوت جو حصو آهي. هينئر وارو بدين جو ڏکڻ ۽ اڀرندو پاسو انهيءَ حصي ۾ اچي وڃن ٿا. علاؤ الدين جي لشڪر جنگ دوران شروع ۾ ئي 15000 جوڌا شهيد ٿي ويا، جنهن بعد هيءُ سرويچ به شهيد ٿي ويو. اهڙيءَ طرح مهڙ ڄام نوتيار سورهيه سڏجڻ ۾ آيو. جيسين جيئرو هو تيسين دشمنن کي اڳتي اچڻ نه ڏنائين. هن جو شمار سنڌ جي ستن سورهين ۾ ٿئي ٿو. هن کي لطيف سائينءَ به ڳايو آهي:
سمو سوائي، ٻهون ٻينئان اڳرو،
دانهه جي درٻار ۾، ورتي اِيءَ وائي،
ڳهڻ ڳالهائي، مهُڻ سڀ ملهائيا.
(سر بلاول 2-12)


لفظ ڄام مهڙ نوتيارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو